تازه ترين

چونڊن ۾ دير اليڪشن کان انڪار برابر آهي: شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته چونڊن ۾ دير اليڪشن کان انڪار برابر آهي، اليڪشن جي هفتي نه پر تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ٿيندو آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ڪري. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ چونڊن جي تاريخ نه پر عوامي مسئلن تي بحث ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بحث ٿيڻ گهرجي ته گيس جا اگهه ڇو وڌي رهيا آهن، پي آءِ ايَ جو فلائيٽ آپريشن ڇو معطل آهي؟ شيري رحمان چيو ته پاڪستان بنانا ري پبلڪ ناهي، جمهوري معيار مضبوط هجڻ گهرجن، سڀني لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي. پ پ سينيٽر چيو ته اليڪشن شيڊيول جو اعلان ٿي چڪو هجي ها ته عوام مسئلن تي ڳالهيون ٿين ها، اليڪشن جي هفتي نه پر تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ٿيندو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون