- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊپلوميٽڪ بازرا پرڏيهي وزارت ۽ ان جي ڪراچي واري آفيس جو شاندار قدم آهي، جيڪو سفارتڪاري جا جوهر، دوستي ۽ انسانيت کي خوبصورتيءَ سان اجاگر ڪري ٿو.
ڪراچيءَ ۾ ڊپلوميٽڪ بازار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊپلوميٽڪ بازار ثقافت، ذائقي ۽ لاڳاپن جو خوبصورت جشن آهي.
هن چيو ته پرڏيهي آفيس ڪراچي جي غير معمولي لڳاءُ ۽ ويزن کي هو تسليم ڪري ٿو، بشيڪيڪ وڳوڙن دوران شاگردن واپسيءَ ۾ ڪراچي آفيس اهم ڪردار ادا ڪيو، ايران جي شهر يزد ۾ زيارتين جي حادثي بعد به فوري قدم کنيا ويا.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي لائزن آفيس سفارتي لاڳاپن، واپار، تعليم ۽ ثقافت جا نوان در کوليا آهن، پرڏيهي وزارت پاڪستان جو پهريون دفاعي محاذ آهي، سنڌ سدائين سفارتڪاري جي محاذ تي نمايان رهي آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزير طور جديد پاڪستاني سفارتڪاري جو بنياد رکيو، بلاول ڀٽو زرداريءَ عالمي سطح تي ترقي پسند ۽ پراعتماد پاڪستان جي تصوير دنيا آڏو رکي آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي عالمي سهڪار ۽ لاڳاپن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، قونصل خانن ۽ عالمي ڀائيوار جو سڀ کان وڏو مرڪز به ڪراچي آهي، سفارتڪاري رڳو اجلاسن تائين محدود ناهي پر انساني تعلق جو نالو به آهي، ڊپلوميٽڪ بازار پاڪستان ۽ دنيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو……….
- Advertisement -
