- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ۾ 5 ڏينهن اڳ پراسرار طور گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان شاهه رخ جلباڻي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو هو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
