- Advertisement -
سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار جي سڏ تي وڪيلن جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
يو ٽيوبر رجب بٽ تي تشدد جو وڪيلن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيلن طرفان ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو.
وڪيلن طرفان سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته جيستائين وڪيلن جو ڪيس داخل نه ڪيو ويندو ڪراچي بار پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ رهندو.
ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته پهريان ڪيس داخل ڪيو وڃي پوءِ ٻنهي ڪيسن جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.
عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته هو پوليس کي آگاهي ڏين ٿا ته اڄ کانپوءِ سٽي ڪورٽ ۾ پوليس اهلڪارن جي اچڻ تي پابندي آهي.
ڪراچي بار طرفان اڄ جنرل باڊي جو اجلاس گهرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
