- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، ڪلفٽن اپر گذري بلوچ پاڙي ۾ نوراني مسجد ڀرسان جوابدار گھريلو جهيڙي دوران ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال کي قتل ۽ 12ورهين جي ڌيءَ کي سخت زخمي ڪيو.
پوليس موجب، نينگريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
ايس ايڇ او ڪلفٽن عمران سعد واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس پارٽي سميت موقعي تي پهچي جوابدار سميع الله کي گرفتار ڪري ورتو.
قتل ٿيل ماءُ جي سڃاڻپ 45 ورهين جي ڪلثوم ۽ ڌيءَ جي 12 سالا مريم جي نالي طور ٿي.
پوليس گرفتار جوابدار کي جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ٻٽي قتل جو اعتراف به ڪيو آهي…..
- Advertisement -
