تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: اليڪشن ڪميشن

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار قرار ڏيڻ جي قانون ۾ ڪا به گنجائش ناهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به ناهي چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي ناهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي، جنهن جو نالو سياسي پارٽين جي لسٽ ۾ شامل آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي درست قرار نه ڏنو، انٽرا پارٽي چونڊون درست نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ورتو. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ 39 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي قرار ڏنو ويو آهي، انهن 39 ميمبرن پنهنجن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ سان وابستگي ظاهر ڪئي هئي، ڪنهن به پارٽي جو اميدوار هجڻ لاءِ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ۽ ڊڪلريشن آر او وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي، انهن اميدوارن آر او کي پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪلريشن جمع نه ڪرائي. اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسرن لاءِ اهو ممڪن نه هو ته اهي هنن کي پي ٽي آءِ جو اميدوار قرار ڏين، جن 41 اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر قرار ڏنو ويو آهي، انهن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو، اليڪشن کٽڻ کان 3 ڏينهن پوءِ ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي. اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل اپيل ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، پي ٽي آءِ نه اليڪشن ڪميشن ۾ ڌر هئي نه ئي پشاور هائيڪورٽ آڏو ڌر بڻجي، پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ڌر نه هئي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان باهر آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون