تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ٻڌائي ته دهشتگردي ۾ افغانستان ملوث نه آهي ته ڪير ملوث آهن؟ : فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ٻڌائي ته دهشتگردي ۾ افغانستان ملوث نه آهي ته ڪير ملوث آهن؟ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کان سوال ڪيو ته ڪي پي جو وڏو وزير ٻڌايو ته دهشتگردي ۾ افغانستان ملوث نه آهي ته ڪير ملوث آهي؟ سندس چوڻ هو ته حڪومت ٻڌائي ته پوليس، ايف سي، فوجي جوانن ۽ ماڻهن کي ڪير شهري ڪري رهيو آهي؟ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اهي چاهين ٿا ته فوج نڪري وڃي، آپريشن نه ڪري، ڇا پوليس خالي هٿين وڙهندي؟ ڪي پي جي گورنر جو چوڻ هو ته اهي ڄاڻين ٿا ته وفاقي 100 سيڪڙو حصو ناهي ڏنو، جيڪو ڏنو آهي اهو ڪيڏانهن ويو؟ ضم ٿيل ضلعن ۾ هڪ به ٿاڻو ٺاهيو ويو آهي؟ هن جو چوڻ هو ته ض۾ ٿيل ضلعن جي فنڊ مڪمل نه مليا، جيڪي مليا اهي ڪٿي خرچ ٿيا؟ 13 سالا صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا موجود آهن پر سڪيورٽي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، ڪي پي جي وڏي وزير کي افغانستان جي وڪالت ڪرڻ بدران صوبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي قربانين کانپوءِ دنيا پاڪستان جي صلاحيت کي تسليم ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان سان ڪاروبار ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري به تسليم ڪري ٿي ته افغانستان جي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون