تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪري انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ايس ايس پي ڪشمور لاءِ پنج لک رپيه روڪ انعام جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪري انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪچي واري علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت ڪيلن فيصلن ۽ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي سکر، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ يقيني ڪاميابي لاءِ غيرمعمولي حڪمت عملي ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ بابت گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو جائزو ورتو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، پوليس مقابلي دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور لاءِ پنج لک رپيه روڪ انعام جو اعلان ڪيو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي الرٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽيليجنس نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۽ سندن مددگارن خلاف ڪارروائي وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته  حراست ۾ ورتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيسن ۾ سڃاڻپ پريڊ کي لازمي بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته  انويسٽيگيشن الائونس جاچ واري شعبي کي سنڌ جي سطح تي ڏنو ويندو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
25 %
4kmh
46 %
ڇنڇر
20 °
آچر
22 °
سُومر
21 °
اڱارو
18 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون