- Advertisement -
ڪراچي جي گل پلازا ۾ لڳل باهه تي 33 ڪلاڪن کانپوءِ لڳ ڀڳ ضابطو آندو ويو آهي، رات کان وٺي سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 8 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 14 ٿي ويو، جڏهن ته 73 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
ايم اي جناح روڊ تي گل پلازا ۾ ڇنڇر جي رات تقرين سوا ڏهين وڳي باهه لڳي، گرائونڊ فلور تي لڳندڙ باهه ڏسندي ئي ڏسندي ٽئين منزل تائين پهچي وئي، خوفناڪ باهه سبب عمارت جا ڪيترائي حصا ڪري پيا.
فائر فائٽرز 33 ڪلاڪن کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو، جنهن کان پوءِ ڪولنگ جو عمل جاري آهي.
اختيارين موجب، باهه تي ضابطو آڻڻ کان پوءِ، فائر فائٽر پلازا ۾ داخل ٿيا، سڙيل دڪانن ۾ محدود سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران هڪ ٻار سميت وڌيڪ 8 ماڻهن جا لاش مليا ۽ انهن کي سول اسپتال ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.
اختيارين موجب گل پلازه واقعي ۾ ڪڍيل 8 لاشن مان نينگر سميت 5 ڄڻن جا انساني عضوا سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جيڪي سڃاڻپ لائق نه رهيا آهن.
پلازا جي ٽئين ماڙ تي ڪنهن شخص جي ڦاٿل هجڻ جي امڪان تي ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو، پر ڪو به ماڻهو نه ملي سگهيو.
ريسڪيو ترجمان موجب، ڪٽرن جي مدد سان دريون ڪٽيون پيون وڃن ۽ ڀت کي به هٿوڙن جي مدد سان ڪيرايو پيو وڃي.
ريسڪيو عملدارن موجب، باهه عمارت جي پلرن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ڏار پئجي ويا آهن، عمارت تمام پراڻي هجڻ ڪري، ان جي ڪِري تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي.
- Advertisement -
