- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽرمپ جي غزه منصوبي جي آجيان ڪئي آهي.
پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل کي خطاب دوران صدر ٽرمپ جي غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ قدمن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته امن معاهدي سان ئي غزه ۾ جنگ جو خاتمو ٿيو آهي.
پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان غزه منصوبي جي ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، هن واضع ڪيو ته سندن بنيادي مقصد غزه ۾ معصوم فلسطينين جي قتل عام جي روڪٿام ۽ غزه کان اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي آهي.
پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار چيو ته ان منصوبهي سان غزه ۾ امن جي اميد سامهون آئي آهي، ڳالهين ۾ پاڪستان عرب ملڪن جي پروپوزل جي حمايت ڪئي، هنن پروپوزل ۾ پنهنجون تجويزون به شامل ڪيون.
- Advertisement -
