- Advertisement -
گھوٽڪي ضلعي جي 4 بدنام ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي گھوٽڪي آفيس جي پڌرائي موجب، سرينڊر ڪندڙ ڏوهارين ۾ ولي محمد عرف بابو، عيسو شر، نورل ۽ قربان سيلرو شامل آهن.
پوليس ترجمان موجب، ڌاڙيل ولي محمد شر تي 13، عيسو شر تي 7، نورحسن سيلرو تي 2 ۽ قربان مٿان هڪ ڪيس داخل آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتاري ڏيندڙ ڌاڙيلن کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
گرفتاري ڏيندڙ ڌاڙيلن جو چوڻ هو ته هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي پيغام کانپوءِ ۽ پوليس جي گھيراءُ کان تنگ اچي ڏوهن جي دنيا ڇڏي پاڻ کي قانون حوالي ڪيو.- Advertisement -
