- Advertisement -
ڳڙهي ياسين ڀرسان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڪوچ روڪي مسافرن کان ڦرلٽ ڪئي، متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
متاثر مسافرن طرفان سون واهه بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، مسافرن سميت ڪوبه شهري محفوظ ناهي رهيو.
هنن چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته روڊ تي پوليس اهلڪار مقرر ڪري ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.
- Advertisement -
