وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي تحريڪ انصاف جي شرپسند ريڊ لائن پار ڪئي انهن لاءِ ڪا به معافي ناهي، سندس سفارش تي به ڪنهن ڏوهي کي نه ڇڏيو ويندو ۽ ڪنهن به بي گناهه کي سزا نه ملندي، شهيد قوم جا هيرو آهن، انهن جي عزت تي نقصان پهچائڻ نه ڏيندا.
جناح سينٽر ۾ تحفظ شهدا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، هي اهي شهيد آهن جن ملڪي دفاع لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا.
هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو وساري نه ٿو سگهجي، ان ڏهاڙي کي سدائين ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.
شهباز شريف چيو ته تحريڪ انصاف جي شرپسندن ۽ سندن سربراهه عمران خان جهڙيءَ ريت ماڻهن کي ڀڙڪايو، اهو سڀ ڪجهه رٿابندي تحت ڪيو ويو، ان جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، هو پاڻ کي ان کان بري قرار نه ٿو ڏئي سگهي.
وزيراعظم چيو ته ڪا سياسي پارٽي ائين ڪري سگهي ٿي ته گرفتاريءَ جي صورت ۾ رياست تي حملو ڪيو وڃي؟
شهبازشريف چيو ته 9 مئي تي تحريڪ انصاف جي شرپسند ريڊ لائن پار ڪئي انهن لاءِ ڪا به معافي ناهي، سندس سفارش تي به ڪنهن ڏوهي کي نه ڇڏيو ويندو.
وزيراعظم چيو ته شرپسندن خلاف سخت قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن ٻيهر ائين ڪرڻ جي ڪنهن کي جرئت نه ٿئي.
شهبازشريف چيو ته شهيدن جي پونئيرن جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، وزيراعظم اسڪيم تحت آسان قرض ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون.
شهدا ڪنويشن دوران ماحول ان وقت جذباتي ٿي ويو، جڏهن شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي، فلم جي هڪ منظر تي سمورن جون اکيون آليون ٿي ويون