18 مارچ تي پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪن ٿا : ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته 18 مارچ تي پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪن ٿا، پاڪستان غزا ۾ اسپتالن تي حملن جي مذمت ڪري ٿو، معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ بربريت کان گهٽ ناهي، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳو عمل آهي، هو والاريل ڪشمير ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائڻ بربريت کان گهٽ ناهي، بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آباد کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو، پاڪستان غزه جي اسپتالن تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار باهمي ميٽنگز جي سلسلي ۾ برسلز ۾ موجود آهي، سمٽ ۾ پرڏيهي وزير نيو ڪليئر ۽ توانائي تي روشني وجهندو، اسحاق ڊار دنيا آڏو پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڪشميرين کي حق خوداراديت ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، والاريل ڪشمير ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي جي هو مذمت ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳو عمل آهي، مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته  18 مارچ تي پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون