پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 1973ع جو آئين سندن قومي حڪمت عملي ۽ وفاق جو زنجير آهي.
1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قوم کي واڌايون ڏيندي چيو ته آئين ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي تحفو ۽ امانت آهي.
هن چيو ته هو قوم لاءِ گڏيل آئين ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن سياسي اڳواڻن کي سلام پيش ڪري ٿو، 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ سندن قومي تاريخ جو ٻيو اهم ترين ڏينهن 10 اپريل 1973ع آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين سندن قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جي ضمانت آهي، جڏهن کان آئين ٺهيو آهي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪجهه طاقتن کان اهو برداشت نه پيو ٿئي ته عوام کي حق ملي، صوبا پنهنجي وسيلن جا مالڪ آهن، قانون سامهون سڀ برابر آهن.