وفاقي وزير جاويد لطيف چوڌري چيو آهي ته 2017ع ۾ ٿيل سازش سڀني سامهون اچي رهي آهي، سازش جي مددگارن کي کليل ڇڏيو ويو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو، آڊيو ليڪس جو نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي، آئين تحت 90 ڏينهن اندر عام چونڊون لازمي آهن ڇا آئين ڪنهن سان ناانصافي جي اجازت ڏئي ٿو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته 2017ع جي وائکي ٿيل سازش افسوسناڪ آهي، جيڪي ڪردار وائکا ٿين پيا اهي ٽڪيٽن جي ورهاست ڪري رهيا آهن، سازش جي مددگارن کي کليل ڇڏيو ويو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٿيل سازشن سان مخالف قوتن کي فائدو پهچايو ويو، الزام لڳائڻ تي ادارن جو خاموش رهڻ معنيٰ خير آهي، قانون ۽ انصاف جي فراهمي کانسواءِ قومي ٻڌي پيدا نٿي ٿي سگهي.
وفاقي وزير جاويد لطيف چوڌري چيو ته آڊيو ليڪس جو نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي، پارلياماني ڪميٽي آڊيو ليڪس تي ثاقب نثار جي پٽ کي طلب ڪري، ڪميٽي اهو واضح ڪري ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جو ڪهڙو ڪهڙو ڪردار هو؟.
هن چيو ته ملڪ کي ڪنهن وڏي حادثي کان بچائڻ لاءِ نظام جي خامين جو خاتمو ڪرڻو پوندو، ملڪ جي مالي خساري جو ذميوار 2017ع جو سازشي ٽولو آهي.
سندس چوڻ هو ته طاقتور سازشين کي سزا ڏيڻ سان انصاف جو مان مٿانهون ٿيندو، ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي آئين ۽ قانون جو پابند ڪرڻو پوندو.
وفاقي وزير جاويد لطيف چوڌري چيو ته جيڪا سهولت عمران خان کي ملي رهي آهي ڇا اها ڪچي جي ڌاڙيلن کي به ملندي؟، ن ليگ جي قيادت جا 10 سال ضايع ڪرڻ جو ازالو ڪير ڪندو؟، نواز شريف کي انصاف ملڻ گهرجي، چونڊن کان ڀڄڻ وارا ناهن، رياستي ادارن تي چڙهائي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي.