وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، ڇاڪاڻ ته ان سان روزگار جا موقعا وڌندا.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اڏاويتي شعبي بابت نيشنل ڪورآڊيشن جو هفتيوار اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آباد جي تيرهن نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اڏاوتي شعبي ۾ حڪومت طرفان ڏنل سهولتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيل سرگرمين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بلڊرن لاءِ ون ونڊو سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت نگراني ڪئي وڃي.
اجلاس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ بلڊرن وزيراعظم عمران خان کي 13 سئو 70 ارب رپين جا اڏاوتي منصوبا شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي ۽ چيو ويو ته رٿائن تي ڪم جي شروعات چئن کان پنجن مهينن ۾ ٿي ويندو.
اجلاس ۾ مجموعي طور تيرهن وڏن گروپن ايندڙ ڇهن مهينن ۾ هڪ لک گهر تعمير ڪرڻ ڪرڻ خاطري ڪرائي.
آباد طرفان پڻ اڏاوتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته نين رهائشي رٿائن کي گيس، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي ويندي…