سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ قربانيءَ واري عيد مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، عوام جانورن جي قرباني ڪري سنتِ ابراهيم ادا ڪري رهيو آهي.
ڪورونا وائرس سبب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد جي موقعي تي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن ۾ ايس او پيز تحت سماجي وٿي برقرار رکي عيد نماز ادا ڪئي وئي، ماسڪ پهرڻ واري هدايت تي ڪٿي عمل ڪيو ويو ته ڪٿي نه ٿي سگهيو.
عيد جي نماز کانپوءِ حضرت ابراهيم عليه اسلام جي سنت تي عمل ڪندي ننڍن وڏن جانورن جي قرباني ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
قرباني ڪرڻ توڙي گوشت ورهائڻ وقت به ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن ٻاهران سڪيورٽيءَ جا انتظام پڻ سخت ڪندي اهلڪار مقرر ڪيا ويا.
هر ننڍي وڏي شهر ۾ ميونسپل ادارن قربانيءَ جي جانورن جون غلاظتون کڻڻ لاءِ پڻ انتظام ڪيا ويا آهن.
عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اُهي پاڻ به صفائيءَ جو خيال رکن………….