پ پ شهيد ڀٽو جي چئيرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته المرتضيٰ ۽ 70 ڪلفٽن ڀٽو خاندان جو قلعو آهي، سامراجي قوتن خلاف پ پ شهيد ڀٽو جا ڪارڪن جنگ جاري رکندا.
لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر سامراجي قوتن جي خلاف آخري مارڪو ڪندا.
هن چيو ته ظالم قوتون جاگيردار ۽ سردارن جي روپ ۾ ن ليگ ۽ زرداري ليگ ۾ هجن يا جي ڊي اي ۾ هجن اهي سڀ ختم ٿي رهيا آهن، دشمنن کي سازشن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.
غنويٰ ڀٽو جو چوڻ هو ته سياسي ۽ سماجي حالات ۾ تبديلي اچي رهي آهي، هينئر ظلم ۽ مظلوم قوتن جي نئين صف بندي ٿي پئي، سياسي ڌريون يا ته ظالم سان گڏ ٿينديون يا مظلوم سان بيهنديون.
غنويٰ ڀٽو ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي رابطا مهم تيز ڪري نظرياتي ۽ اصولي سياست تي پارٽي کي منظم ڪيو وڃي.
ٻئي طرف غنويٰ ڀٽو بنگل ديرو ۾ ايڊووڪيٽ يحيٰ ڀٽو ۽ عقيل ڀٽو سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ضلعي صدر محمد زبير جتوئي، غلام رسول عمراڻي، فقير حبيب پتوجو، وريام چنه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.