بالي وڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويو.
ستهتر ورهين جي اداڪار اميتاڀ بچن جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ کانپوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.
ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ اسپتال کان گهر منتقل ٿي ويو.
بالي وڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن اسپتال عملي جي واکاڻ ڪئي.
اميتاڀ بچن جو چوڻ آهي ته اسپتال عملي جي سٺي سار سنڀال سبب سندس لاءِ اڄ هي ڏينهن ڏسڻ ممڪن نه ٿيو.
اميتاڀ بچن ممبئي جي ناناوتي اسپتال ۾ 23 ڏينهن علاج هيٺ رهيو.
ٻئي طرف اميتاڀ جي اداڪار پٽ اڀيشيڪ بچن جي ٽيسٽ وري به پازيٽو آئي آهي.
بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي.
اڀيشيڪ بچن جو چوڻ آهي ته هو به جلد صحتياب ٿي ويندو.