سنڌ سميت ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ تي ٻئي ڏهاڙي به سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي.
عيد جي ٻئي ڏينهن به مختلف شهرن ۾ عوام سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني جو فرض ادا ڪري رهيو آهي.
ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي مختلف هنڌن تي قرباني بعد غلاظتن جا ڍير لڳل آهن.
روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ غلاظتن سبب بدبو ڦلهجي وئي آهي.
سنڌ سالڊ ويسٽ ميجنمينٽ بورڊ موجب ڪراچي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن 8 هزار 933 ٽن غلاظتون کنيون ويون ۽ ٻين علائقن مان به غلاظتون کڻڻ جو ڪم جاري آهي.
لاهور ويسٽ ڪمپني جو چوڻ آهي ته شهر ۾ عيد جي پهرين ڏهاڙي 13 هزار ٽن کان وڌيڪ غلاظتون کنيون ويون ۽ ويسٽ بيگن جي بنا فرق جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي…….