پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
ٻنهي اڳواڻن پاران ملڪي جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ ايتري ڪرپشن ناهي ٿي، جيتري عمران جي حڪومت ۾ ٿي آهي.
هن چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ پورهيت طبقو هڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان آهي.
سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر عوام جي اميدن جو مرڪز بڻجي چڪي آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪورونا جا انگ اکر لڪائي عوام جي زندگين سان کيڏيو ويو آهي.