اسلام آباد هائيڪورٽ، چڙيا گهر ۾ جانور مرڻ بابت ڪيس ۾ ماحولياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته جيڪي جانورن جو خيال نه ٿا رکن سگهن اهي انسانن جو ڪهڙو خيال رکندا؟
اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ مرغزار چڙيا گهر کان جانورن جي منتقلي دوران شينهن ۽ شينهڻِ سميت ٻيا جانور مرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چڙيا گهر مان شينهن کي لاهور منتقل ڪيو پئي ويو ته هو مري ويو.
چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اها جهنگلي جيوت کاتي جي مينيجمينٽ بورڊ جي نااهلي آهي، عدالت اڳ ئي فيصلي ۾ لکيو هو ته ڪجهه ٿيو ته ڪير ذميوار هوندو، عدالت کي احساس هو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي.
جسٽس اطهر من الله، حڪومتي نمائندن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان چڙيا گهر بابت عدالت جو فيصلو پڙهيو آهي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل فيصلو پڙهي.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته ماحوليات تبديلي واري وزارت طرفان ڪير آيو آهي؟ ان جي وزير ته زرتاج گل آهي، وفاقي سرڪار به نوٽيفڪيشن ڏنو هو ته بورڊ ۾ ڪير هوندو، پر ڪو به نظر نه پيو اچيَ، انهن سمورن ميمبرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته بورڊ جي سمورن ميمبرن عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي آهي، ڇا انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي؟
هن چيو ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت، ايم سي آءِ ۽ سي ڊي اي سڀ سياست پيا ڪن، هر ڪو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ تيار آهي پر ذميوار ڪو به نه پيو کڻڻ چاهي.
چيف جسٽس چيو ته جيڪا حڪومت جانورن جو خيال نه پئي رکيَ اها انسان جو ڇا رکندي؟جن جي نااهليءَ سان جانور مئا ڇا اهي ئي جاچ ڪري رهيا آهن؟
عدالت ڪارروائي لاءِ جهنگلي جيوت جي مينيجمينٽ بورڊ توڙي ٻين اعليٰ عهديدارن جا نالا طلب ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.