سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو برادري رکشا ٻنڌڻ جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.
مٺي ۾ هندو برادري مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ کي ڀرپور نموني ملهائي رهي آهي.
ڀينرون سندس ڀائرن کي راکي ٻڌي وفا جو وچن ورجايو پيو وڃي.
ساماري ۾ ڀيڻ ڀاءُ جي پريت ڏينهن تي ڀينرون پنهنجي ڀائرن کي هٿن ۾ رنگ برنگي راکيون ٻڌي حفاظت يعنيٰ رڪشا ٻنڌڻ ٻڌي سندس آرتي لاهي، سندس وڏي ڄمار ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهري رهيون آهن.
ڀينرون ۽ ڀائر رڪشا ٻنڌڻ جي ڏڻ تي هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي خوشي جو اظهار ڪري رهيون آهن.
کپري ۾ به هندو برادري راکي جو ڏڻ ڀرپور نموني سان ملهائي رهي آهي.
ڀينرون ڀائرن کي راکي ٻڌي ڀرم ۽ وفا جو وچن ورجائي پيو وڃي.