ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۽ موتن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن سينٽر موجب اٺن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد انگ پنج هزار 984 تائين پهچي ويو آهي.
ترجمان موجب نوان 333 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثر مريضن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 تائين پهچي ويو آهي.
اين سي او سي موجب 213 ڄڻا وينٽيليٽر تي آهن.