پنجاب حڪومت پاران اڄ کان لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي سرڪار پاران اهو فيصلو مال پڙين مان ورتل سمارٽ سميپلن جا بهتر نتيجا اچڻ بعد ڪيو ويو.
ذريعن موجب پنجاب حڪومت پاران عيد جي موقعي تي 5 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪندي وڏا مارڪيٽ ۽ بازارون بند ڪري ڇڏيون هيون.
عيد جي موقعي تي مارڪيٽ بند هجڻ به ڪورونا وائرس جي پکيڙ جا امڪان گهٽ ٿيڻ بعد صوبائي سرڪار اڄ کان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڪيپٽن رٽائرڊ محمد عثمان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب 5 آگسٽ تي ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ريلي جي اجازت هوندي، سمورا ڪاروباري مرڪز صبح نائين کان شام ستين وڳي تائين کلندو.
جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب تعليمي ادارا، سيمينائون، عوامي هنڌ بند رهندا.