وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن جي 13 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪجهه دير ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو.
اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال سميت 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا پنج آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي حوالي سان استحصال وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي تيارين جو جائزو به وٺندي.
اجلاس ۾ پي آءِ اي جي چارٽر لائسنس ۽ ايريل ورڪ واري معاملي جو نئين سر جائزو ورتو ويندو.
پاڪستان جي سرڪاري نقشي جي تياري ۽ اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر جي مقرري جي منظوري به ڪابينا جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
وفاقي ڪابينا کي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ڪارڪردگي ۽ ميڊيا هائوسز جي ادائيگي ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني ويندي.
جٽادار ترقي جي اسڪيم تحت گيس ڊولپمينٽ تي عمل بابت به وفاقي ڪابينا کي آگاهي ڏني ويندي.
ڪابينا پاڪستان گلوبل انسٽيٽوٽ راوت راولپنڊي جي تجويل ڪيل چارٽر، اسلام آباد ۾ گهريلو ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي قانون جي منظوري ڏيندي.
وفاقي ڪابينا طرفان يونيورسل سروس فنڊز ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي…..