پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، پ پ کي ديوار سان لڳائڻ چاهي ٿي ان ڪري انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، سنڌ ۾ کنڊ، اٽي سميت جيڪڏهن مسئلا آهن ته پوءِ پنجاب ۾ ماني مهانگي ڇو آهي.
سکر جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڪشمير مسئلي تي حڪومت کي مضبوط پرڏيهي پاليسي ٺاهڻي هئي پر حڪومت ناڪام وئي آهي ڪشمير جو مسئلو 72 سالن کان هلي رهيو آهي احتجاج ۽ ريليون ڪڍڻ سان ڪو فائدو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪشمير مسئلي تي طاقت سان سڄي قوم جي گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور نموني سان اٿاريو، هو موجوده حڪومت جي سخت پاليسيون ناڪام ويون آهن، پي ٽي آءِ سرڪار جي ڪارڪردگي زيرو آهي.
خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن کنڊ اٽي سميت ٻيا مسئلا آهن ته پنجاب ۾ ماني مهانگي ڇو آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ کي ديوار سان لڳائڻ چاهي ٿي، موجوده حڪومت انتقامي ڪارروائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو……….