پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ پنج آگسٽ جي حوالي سان اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايل او سي ۽ مظفر آباد جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي.
شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن والاريل ڪشمير ۾ صورتحال معمول تي آهي ته پوءِ ڪرفيو جي ڪهڙي ضرورت آهي، ظلم ۽ ڏاڍ واري ڀارتي ايجنڊا ناڪام ٿي چڪي آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف تبديل ناهي ٿيو، سندن منزل سرينگر آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته سڀاڻي سڄي قوم متحد ٿي ڀارت کي پيغام ڏيندي.
هن چيو ته پنج آگسٽ واري ڀارتي قدم کي ڪشميرين رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ڀارت جي اصل چهري کان واقف ٿي وئي آهي