لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ ڌماڪن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري وڌيڪ ٻن وزيرن استعيفيٰ بعد وزيراعظم ڪابينا سميت عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بيروت ڌماڪن بعد احتجاج ۽ وزيرن جي استعيفيٰ بعد حڪومت ڏکيائين جو شڪار آهي، هيل تائين چار وزير عهدو ڇڏي چڪا آهن.
ملڪ جي وزيراعظم حسان دياب صدر ميثال عون کي ٻڌايو آهي ته جلد هو به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو.
هيل تائين اطلاعات ۽ ماحوليات واري وزير استعيفيٰ ڏني هئي، پر وزيراعظم پاران ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ بعد انصاف واري وزير ۽ ناڻي واري وزير به عهدو ڇڏي ڏنو.
العربيه موجب لبنان جي وزيراعظم حسان دياب صدر ميثال عون کي اطلاع ڏنو ته هو جلد استعيفيٰ ڏيندو.
بيروت ڌماڪن ۾ 150 کان وڌيڪ شهري فوت 6 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا ۽ ملڪ کي پندرهن ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي.