آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪي سلامتي آڏو هر خطري جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽر پهچڻ تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفيٽيننٽ جنرل فيض حميد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو آڌڀاءَ ڪيو.
دوري دوران آرمي چيف کي ملڪي سيڪورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف، آءِ ايس آءِ جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت قدمن جي واکاڻ ڪئي.
جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته هر قسم جي خطري جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف المالڪي به ملاقات ڪئي.
پاڪ فوجي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي سڪيورٽي، گڏيل دلچسپي وارن م عاملي ۽ دفاعي لاڳاپن تي غور ڪيو ويو……….