ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نيب اشارن تي هلندڙ ادارو بڻجي چڪو آهي، حڪومت جي ايجنڊا رڳو انتقام ۽ مافيا کي پالڻ آهي.
لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب طرفان طلب به ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ رنڊڪون به بيهاريون وڃن ٿيون.
هن چيو ته نيب کي آزاد ادارو ظاهر ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي طلب ڪيو ويو، حڪومت مخالف ڌر کان انتقام وٺي رهي آهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب اشارن تي هلندڙ گــُـڏو ادارو بڻجي ويو آهي، حڪومت جي ايجنڊا رڳو انتقام ۽ مافيائن کي پالڻ آهي………..