ڄامشوري ضلعي انتظاميه حضرت قلندر لال شهباز جي درگاهه 17 آگسٽ کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڄامشورو جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر چامشوري ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، ايس ايس پي امجيد شيخ، ڊي ايس پي سيوهڻ بشير کوهاري، ايس پي علينه راڄپر، اوقاف کاتي جي عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران حضرت قلندر لال شهباز جي درگاهه 17 آگسٽ کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته درگاهه تي اوقاف کاتي طرفان سينيٽائيزر گيٽ لڳايو ويندو ۽ زائرين کي ماسڪ پڻ ڏنا ويندا.