ملير جي علائقي گلشن معظم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر ۾ پاليل 5 شينهن ڀت ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ جو صوبائي وزير ناصر شاهه نوٽيس وٺندي وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم کي گلشن معظم پهچڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
گلشن حديد سامهون گلشن معظم ۾ گهر اندر پاليل 5 شينهن ڀت ٽوڙي نڪري آيا ۽ ڀرسان قائم مدرسي ۾ پڙهندڙ ٻارڙن تي ڪڙڪي پيا، ٻارڙن ڇت تي چڙهي پاڻ کي بچائي ورتو.
شينهن ٻاهر نڪرن تي رهواسين گهرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ علائقن ۾ ڏهڪاءَ پکڙجي ويو.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته اطلاع باوجود جهنگلي جيوت کاتي جو ڪو به عملو نه پهتو.
هنن چيو ته شينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال جا پاليل آهن، جيڪي گهر جي ڀت ٽوڙي ٻاهر نڪري آيا.
علائقي واسين جو چوڻ هوته پاليل شينهن ڪنهن به وقت نقصان پهچائي سگهن ٿا پر شينهن پاليندڙ بااثر کي ڪو به احساس ناهي.
رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال چيو ته حڪومت پاران کي شينهن جو لائسنس موجود آهي، هن ڪو غير قانوني ڪم ناهي ڪيو.
هوڏانهن گلشن معظم ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر ۾ پاليل 5 شينهن ڀت ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ جو صوبائي وزير ناصر شاهه نوٽيس ورتو.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو وائلڊ لائف جي ڪنزرويئر جاويد مهر سان رابطو ڪري فوري طور گلشن معظم پهچڻ جو حڪم ڏنو.
صوبائي وزير ناصر شاهه، جاويد مهر کي هدايت ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
صوبائي وزير جي هدايت بعد وائلڊ لائيف جي ٽيم جاويد مهر جي اڳواڻيءَ ۾ گلشن معظم پهتي.
وائلڊ لائف جي چيف ڪنزويٽر جاويد مھر چيو ته مني زون جي اجازت بلڪل ھوندي آھي پر اھڙي خطرناڪ جانور جو ڪو به لائسنس ناھي ٿيندو,اھي غير قانوني رکيا ويا آھن.
هن چيو ته رھائشي ڪالوني ۾ خطرناڪ جانور رکڻ غير قانوني آھي، ميڊيا تي خبر ھلڻ کانپوء ان معاملي جي ڄاڻ ملي آھي.
جاويد مهر چيو ته هو صوبائي وزير سيد ناصر شاھه جي ھدايت تي واقعي واري ھنڌ پھتا آھن.