دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ ست لک 47 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب متاثرن جو انگ ٻه ڪروڙ 8 لک ست هزار کان وڌي ويو آهي.
آمريڪا ۾ وڌيڪ هڪ هزار 286 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ هڪ لک 69 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 53 لک 60 هزار کان وڌي ويو آهي.
برازيل ۾ وڌيڪ هڪ هزار 164 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ وڌي هڪ لک چار هزار 263 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 31 لک 70 هزار 474 کان وڌيڪ متاثر آهن.
ڀارت ۾ وڌيڪ 950 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 47 هزار 138 ٿي ويو آهي، هزارين نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 23 لک 95 هزار 471 ٿي ويو.
روس ۾ وڌيڪ 129 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 15 هزار 260 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 9 لک 2 هزار 701 ٿي ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا ۾ وڌيڪ 259 ڄڻا اجل جو شڪار، فوتين جو انگ 11 هزار 10 ٿي ويو جڏهن ته پنج لک 68 هزار 919 ٿي ويو.
ميڪسيڪو ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 737 ڄڻا فوت ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 54 هزار 666 ٿي ويو آهي، جڏهن ته چار لک 98 هزار 380 متاثر آهن.
چلي ۾ وڌيڪ 27 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 10 هزار 205 ٿي ويو آهي ۽ ٽي لک 78 هزار 168 متاثر آهن.
ايران ۾ وڌيڪ 188 ڄڻا فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 18 هزار 988 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽي لک 33 هزار 699 متاثر آهن.
سعودي عرب ۾ پڻ وڌيڪ 36 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 269 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي ٻه لک 93 هزار 37 ٿي ويو.
بنگلاديش ۾ به ڪورونا وائرس سبب 42 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ ٽي هزار 513 ٿي ويو آهي.
دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 37 لک 6 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب به ٿي ويا.