وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچيءَ جي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، کين اڪليو نه ڇڏيو ويندو.
وزيراعظم عمران خان قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران برسات بعد سنڌ جي صورتحال ۽ خاص طور ڪراچي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي جي عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي، ڪراچي کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.