سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ چوماسي برسات جو سڀاڻي کان پنجون مضبوط سسٽم ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ داخل ٿيندو، جيڪو ست کان ڏهه ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو.
ايم اي جناح روڊ، کارادر، شاهراهه فيصل، گلشن اقبال، سول سينٽر ۽ بلوچ ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ وسڪاري بعد موسم وڻندڙ ٿي وئي.
شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات سبب بجلي بند ٿي وئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ چوماسي برسات جو سڀاڻي کان پنجون مضبوط سسٽم ڏکڻ اوڀر علائقي ۾ داخل ٿيندو، جيڪو ست کان ڏهه ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو.