پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ، اڳ ۾به ايوب خان جي ون يونٽ سبب اڌ ملڪ هٿن مان هليو ويو جيڪڏهن ائين ٿيو ته ملڪ نه هلي سگهندو، سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي ڌار ڪرڻ کي جيڪڏهن عدالتي ڪور ڏنو ويو ته شهيد ڀٽيءِ جي قتل کان پوءِ ٻيو وڏو عدالتي ڏوهه هوندو، پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ حڪومت سنڌ ڌرتي کان وڌيڪ ناهي، ڌرتي جيڪا قرباني ڏيڻي پئي ڏينداسين.