سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جڏهن عثمان بوزدار پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو ته پوءِ ڪير به ٿي سگهي ٿو.
هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته مخالف ڌر وٽ هن وقت ڪو به سياسي ڪردار ناهي، بلاول ۽ شهباز شريف گڏجي به هڪ شادي ۾ جلسو نه ٿا ڪري سگهن.
هن چيو ته مسلم ليگ ن اندروني ڇڪتاڻ مان فارغ ٿيندي ته فيصلو ڪندي ته حڪومت خلاف ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين مريم نواز ۽ شهباز شريف جو جهيڙو ختم نه ٿيندو تيستائين هو اي پي سي ۾ وڃي ڇا ڪندا؟
فواد چوڌري چيو ته مريم نواز جي سياست پارٽي تي قبضو ڪرڻ واري آهي، هوءِ حڪومت نه پر پنهنجي چاچي شهباز شريف خلاف تحريڪ هلائي رهي آهي.
هن چيو ته شهباز شريف پارٽي قيادت ڇڏيندو ته مريم نواز سياست ڪندي، شهباز شريف جي سياست به مريم نواز ڪيمپ خلاف آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ چئني صوبن جي زنجير هئي پر اڄ آصف علي زرداري کي پنهنجي پيشي تي راولپنڊيءَ ۾ ماڻهو نه ملي رهياآهن، آصف زرداري ڪروڙين رپيه خرچ ڪري سنڌ مان ماڻهو پنڊي گهرائي رهيو آهي.
فواد چوڌري چيو ته حڪومت سان اتحادي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اها بليڪ ميلنگ جي سياست ناهي، سمورن سياستدانن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن……..