پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف حڪومت جي ٻن ورهين کي تباهي جا سال قرار ڏنو آهي، نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪ کي تباهين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، رڳو نيب کي سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ سرڪار جا ڪراچي خلاف ارادا ناڪام بڻايا ويندا.
مولا بخش چانڊئي جو چوڻ آهي ته عمران خان سچ چيو ته سڪون قبر ۾ آهي ۽ ملڪ کي سوناميءَ حوالي ڪري تباهه ڪيو ويو، عمران خان سچ چيو ته سڪون قبر ۾ آهي، وفاق صوبن سان گڏجي ترقي ڪندو آهي، پر عمران خان ضياءَ ۽ مشرف جي راهه تي هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي……..