ترجمان مرتضيٰ وهاب پي ٽي آءِ حڪومت کي ملڪي تباهي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ٻن سالن ۾ تباهي ڪئي، وزيراعظم عوام جون رڙيون ڪڍائڻ وارو واعدو پورو ڪيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت اٽي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڪئي.
هن چيو ته ٻن سالن دوران کنڊ جو اگهه 78 سيڪڙو وڌيو، وزيراعظم چيو آپگهات ڪندو پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ٻن سالن دوران ڪو به منصوبو پورو نه ڪيو، عوام ڄاڻي ٿو سونامي تباهي جو نالو آهي، حڪومت ڪو به واعدو پورو ناهي ڪيو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم چيو قرض نه وٺندو، حڪومت ٽيڪس اوڳاڙي ۾ به ناڪام ويو، حڪومت ڪراچي لاءِ 162 ارب رپيا نه ڏنا.