پي ٽي آءِ اڳوان فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ سان نفرتون وڌنديون، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي تباهه ڪيو، شهر جا سڀ ادارا تباهه ڪيا ويا آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرس ڪدني فردوس شميم نقوي چيو ته پ پ دور ۾ ماڻهن کي ڪجهه به ناهي مليو، سندن مقصد شهرين جي مدد ڪرڻ آهي.
هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ادارن کي تباهه ڪيو، ڪراچي ۾ سڀ ادارا تباهه ٿي ويا آهن، وفاق سنڌ سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
فردوس شميم چيو ته کين نااهل چوندڙ پهريان پنهنجي اهليت ثابت ڪن. سنڌ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
هن چيو ته ادارن جي تباهي ۾ مصطفيٰ ڪمال به شامل آهي….