مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام تي نااهل ٽولو مڙهيل آهي، جنهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هي واحد وزيراعظم آهن جيڪو نوٽيس وٺي هر شيءِ جي تباهي جو سبب بڻجي ٿو، شيرين مزاريءَ تسليم ڪيو ته ڪشمير پاليسي تي ناڪامي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ، سياسي مخالفن ۽ ميڊيا کي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته بني گالا جو خرچ ڪٿان پيو اچي؟ 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪٿي آهن؟ وزيراعظم هائوس ۾جيڪا يونيورسٽي ٺهڻي هئي اها ڪٿي آهي؟…….