آمريڪا ايران خلاف پابنديون مڙهڻ لاءِ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو يورپي ملڪن تي آيت الله جو ساٿ ڏيڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ايران تي پابنديون بحال ڪرڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو هو ڪندا.
سندس چوڻ هو ته ايران جو بيلسٽڪ ميزائل تجربو عراق، يمن ۽ شام جي امن لاءِ خطرو آهي، آمريڪا ايران کي ميزائل جي تياري کان روڪڻ لاءِ قدم کڻندو.
ٻي طرف اسرائيلي وزيراعظم ايران خلاف پابنديون بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي لکيل خط جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٽن اهم يورپي ملڪن فرانس، برطانيه ۽ جرمني آمريڪي مطالبي جي مخالفت ڪئي آهي.
ٻه هزار 18 ۾ ايران ۽ آمريڪا ۾ صورتحال ان وقت ڇڪتاڻ واري ٿي جڏهن صدر ٽرمپ هڪطرفي طور ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ طئي ٿيل جوهري ٺاهه ختم ڪيو.