ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ سبب پيرسن عورت زخمي ٿي پئي، سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي تي پاڪستان ڀارتي اعليٰ سفارتڪار کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪنٽرو لائن تي ڀارتي فوج پاران بناجواز فائرنگ ۽ شهري آباديءَ جي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي فوج ايل او سي جي سبز ڪوٽ سيڪٽر تي فائرنگ ڪري ستر ورهين جي عورت کي زخمي ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي سان دشمن جون بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون.
پاڪستان ڪنٽرول لائن تي مسلسل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ تي ڀارتي اعليٰ سفارتي عملدار کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.