ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪياماڙيءَ کي ضلعو بڻائڻ وارو فيصلو رد ڪندي ان خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ڪابينا، ڪراچي ۾ ڪياماڙي کي ستون ضلعو بڻائڻ جي منظوري ڏني آهي، جيڪو سائيٽ، بلديا، هاربر ۽ ماڙيپور تي ٻڌل هوندو.
سنڌ سرڪار تي فيصلي تي ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو رد عمل سامهو آهي، ٻنهي پارٽي ڪياماڙيءَ کي ضلعو بڻائڻ جي مخالفت ڪئي آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواريءَ جاري ڪيل بيان ۾ چيو يو ته پ پ جعلي مينڊيٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪراچي کي ورهائي رهي آهي.
هن چيو ته ڪياماڙيءَ کي ضلعو بڻائڻ وارو فيصلو عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو.