مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ احتساب عدالت ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي 27 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.
لاهور جي احستاب عدالت جي جج جواد الحسن شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت چيو ته جاچ آفيسر کي چيو ته ٻڌايو وڃي گرفتار نه ٿيندڙ جوابدارن تي الزامن جي نويت ڪهڙي آهي.
جاچ آفيسر ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ سندس گهر ڀاتين تي ست ارب کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي.
عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي 27 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.
عدالت طرفان حمزا شهباز کي به 27 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو. …….