وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪي پي کانپوءِ ٻين صوبن تي به هيلٿ انشورنس لاءِ دٻاءَ ۾ اضافو ٿيندو، پنجاب حڪومت کي به هدايت ڪئي ويندي ته صوبي ۾ هيلٿ انشورنس شروع ڪئي وڃي، هو سنڌ سرڪار کان به مطالبو ڪندا ته عوام کي هيلٿ انشورنس ڏني وڃي.
صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ڪي پي سرڪار جو وڏو قدم آهي، صوبي جي سمورن گهرن کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏيڻ تي هو محمود خان ۽ پرويز خٽڪ کي واڌايون ڏي ٿو.
هن چيو ته هاڻي ٻين صوبن ۾ به صحت انصاف ڪارڊ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو، سنڌ جو عوام به اها سهولت گهرندو، جڏهن ته پنجاب ۾ به هر خاندان کي صحت انصاف ڏيڻ تي زور لڳايو ويندو.
وزيراعظم چيو ته بيماري جي علاج لاءِ خاندان جو ڳرو خرچ ٿئي ٿو ۽ غريب ماڻهوءَ جي سڄي بجيٽ متاثر ٿئي ٿي، هو محدود وسيلن باوجود هليٿ ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن.
عمران خان چيو ته صوبي جي هر خاندان کي 10 لک رپين تائين مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي.