مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته روز پارٽيون تبديل ڪندڙ شيخ رشيد رڳو سازش جي سياست ڪندو آهي، ن ليگ پنڊيءَ جي شيطان ۽ وقت جي فرعون عمران نيازي جي سياست کي دفن ڪري ساهه کڻندي.
شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو راڻا ثناءُالله چيو ته ريلوي وارو وزير شهباز شريف ۽ نواز شريف نه پر پنهنجو فڪر ڪري ۽ ريلوي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ بي گناهه مسافرن جي قتل جو جواب ڏئي.
سندس چوڻ هو ته روز پارٽيون تبديل ڪندڙ پنڊيءَ جو شيطان رڳو سازش جي سياست ڪندو آهي.
راڻا ثناءُالله چيو ته شيدا ٽلي ۽ عمران مافيا جي سياست کي پاڪستان جو عوام روزانو بدعائون ۽ نفرت جا پٿر هڻي دفن ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پنڊيءَ جي شيطان ۽ وقت جي فرعون عمران نيازي پنهنجي ڪرپشن، نالائقي، نااهلي ۽ چوري ذريعي ملڪ جي معيشيت تباهه ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته پنڊي جي شيطان ۽ عمران مافيا جو سياسي تابوت عوام ڪلهن تي کڻي دفن ڪندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته مريم نواز هڪ سياسي حقيقت بڻجي چڪي آهي، ن ليگ پنڊيءَ جي شيطان ۽ وقت جي فرعون عمران نيازي جي سياست کي دفن ڪري ساهه کڻندي.