وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آھي ته ماڪڙ حملي کان فصلن کي بچائڻ لاءِ وفاق صوبائي حڪومتن سان گڏ ڪم ڪري رھيو آھي جيئن عوام کي فائدو پھچي سگھي.
وفاقي وزير سيد فخر امام اسلام ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ حملن کان فصلن کي محفوظ بڻائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو .
دوري بعد وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ليفٽنٽ جنرل معظم اعجاز دربار ھال مٺي ۾ ضلعي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن دوران ماڪڙ خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت لاڳاپيل اختيارين کان ڄاڻ ورتي.
ان موقعي تي سيد فخر امام چيو ته بلوچستان وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ماڪڙ جي خاتمي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪيو ويندو، ماڪڙ جو خاتمو وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ۽ مقامي انتظاميه جي ذميواري آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ فوري طور تي 26 ڪروڙ جي لاڳت سان نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري ڪم شروع ڪيو .
وفاقي وزير فخر امام چيو ته ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به اسپري سان ئي ماڪڙ جو خاتمو ممڪن بڻايو ويندو .
هن چيو ته ماڪڙ خاتمي جي حوالي سان چائنا پاڪستاني حڪومت سان مڪمل سھڪار ڪيو آھي، جنهن 5 ڊرون جھاز فراھم ڪيا آھن.
سندس چوڻ هو ته ھن وقت فوري طور تي ماڪڙ حملي کان بچائڻ لاءِ اسپري واري ڪم ۾ وڌيڪ گاڏين جي ضرورت آھي.
ان موقعي تي نيشنل لوڪسٽ ڪنٽرول سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ليفٽنٽ جنرل معظم اعجاز چيو ته وفاقي حڪومت چيني حڪومت طرفان مليل سامان صوبائي حڪومتن حوالي ڪيو آھي.
هن چيو ته وڌيڪ سامان جيئن ملندو اھو پڻ صوبن جي حوالي ڪيو ويندو.
زراعت واري سيڪريٽري عبدالرحيم سومري وفاقي حڪومت طرفان ماڪڙ جي خاتمي ۾ سهڪار ۽ سامان فراهم ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا .
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوھو چيو ته ماڪڙ جي حملي کان فصلن کي بچائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه فوري طور تي ڪم شروع ڪندي اسپري ڪيو آهي.
وفاقي وزير فخر امام ٿرپارڪر ضلعي انتظاميه طرفان ماڪڙ خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ پڻ ڪئي.